خاتم النبيين

خاتم النبـيــيـن:’خاتم النبيين‘ جو مطلب آهي: سڀني نبين جي مُهر، سمورن نبين جي نبوت تي پنهنجي مهر ثبت ڪندڙ، نبوت جي سلسلي کي ختم ڪندڙ يعني آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم. ’خاتم النبيين‘ قرآن مجيد جي حوالي سان رسول پاڪ جو لقب آهي، جنهن جو مطلب آهي: (1) پاڻ سڳورا اها مُهر آهن، جنهن سان ٻين نبين جي نبوت جي تصديق ٿئي ٿي، (2) ٻيا نبي مُنڊيءَ جي مثال آهن ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ان منڊيءَ جي ٽِڪ آهن، (3) پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن نبوت جي سلسلي جا آخري نبي آهن ۽ کانئن پوءِ ٻيو ڪو به نبي نه ايندو. سندن نبوت قيامت تائين سموريءَ ڪائنات لاءِ ثابت ۽ قائم آهي.


لفظ خاتم النبيينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو